اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان والاريل ڪشمير جي گادي واري شهر سرينگر جي جامع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت?? قابض فوج رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هٿين خالي ڪشميرين تي ظلم ۾ تيزي آندي آهي، ڀارت?? قابض فوج سرينگر جي جامع مسجد ۾ شب قدر ۽ جمعته الوداع جي اجتماعن تي پابندي لڳائي جنهن جي پاڪستان سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته امن ۽ رحمت جي مقدس مهيني ۾ ڪشميري مسمانن جي مذهبي آزادي تي پابندي لڳائي وئي آهي جيڪا قابل مذمت آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت?? قابض فوج پاران اهو ظالماڻي قدمن جي هڪ نئين ڪڙي آهي جنهن سان مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن، ان کان اڳ والاريل ڪشمير ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي، مسجدن ۽ درگاهن کي باهه ڏيڻ جا ناپاڪ واقعا به رونما ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائماليون ڪري رهي آهي ۽ ان مذهبي آزادين تي پابندي لڳائي رکي آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ ڀارت جي هٿان ڪشميري مسلمانن جي مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو.
متعلقہ مضامین
-
Sun of Egypt official entertainment portal
-
شوانگ فو آفیشل تفریحی ایپ: تفریح کا جدید پلیٹ فارم
-
Fire and Roses Joker Official Entertainment Link Ka Taaruf
-
ورجینیا الیکٹرانکس کا سرکاری تفریحی داخلہ
-
Bilawal congratulates Sharmeen on winning Oscar
-
Czech CGS calls on General Raheel
-
Couple looted at gunpoint in Rawalpindi
-
Saudi Arabia will grant two-year multiple visas to ‘Pakistani businessmen’
-
این ایس الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کرنے کا طریقہ اور فوائد
-
کیشین یو آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ - گیمنگ کا نیا دور
-
V83D کارڈ گیم انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی انوکھی دنیا
-
AG آن لائن دیانت دار تفریحی داخلہ کی اہمیت اور فوائد