اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏن?? آهي ته اهي ملڪ ۾ گريجوئيٽس ۾ اضافي ۽ آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجي تعليمي نظام جي سگهه ۽ موقعن ۾ اضافو ڪن، دنيا جي وڌندڙ ضرورتن تي پورو لهڻ جي لاءِ اعليٰ تعليمي نظام ۾ آن لائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي پشاور جي 14 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته 2030ع تائين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ 80 ڪروڙ گريجوئيٽس جي ضرورت هوندي. پاڪستان جي لاءِ سڀني کي تعليم جي فراهمي، ترقي لاءِ اهميت رکي ٿي. آن لائين تعليم ان مقصد کي تيزي سان حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي. هن مصنو??ي ذهانت ۽ ڪمپيوٽنگ جي صدارتي قدم کي اهم قدم قرار ڏن?? جيڪو ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري ملڪ ۾ تعليم، تحقيق ۽ ڪاروباري نظام جي لاءِ انقلابي ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ آهي جيڪو ملڪ جي لاءِ ترقي جو وڏو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. گريجوئيٽس کي معياري تعليم ۽ جديد مهارتن جي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا انساني وسيلن جي ڏس ۾ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي. هن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ انهن موقعن مان فائدو کڻڻ تي زور ڏن??. وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري کي ترقي جي ڏس ۾ اهم قرار ڏن??. هن چيو ته زراعت، فارماسيوٽيڪل، آٽو موٽو، ٽيڪسٽائيل ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان مستحڪم ملڪ طور اڀري رهيو آهي جنهن جي مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. هن نوجوانن تي زور ڏن?? ته اهي ملڪ ۾ مايوسي جي بيانن تي ڌيان نه ڏين. هن مختلف شعبن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏن?? ۽ انهن تي زور ڏن?? ته اهي اخلاقيات، اسلامي روايتن ۽ قومي سڃاڻپ جي اصولن تي عمل ڪندي سخت محنت ڪن.
متعلقہ مضامین
-
سرکس جوی تفریح - سرگرمی کا بہترین ذریعہ
-
Pakistan to receive Irans Rouhani on March 25
-
Jilani calls on US Senator at Capitol Hill
-
India only holding Kashmir because of its military: Aasiya Andrabi
-
After 14 years, Sindh Governors House gets new custodian
-
London’s Muslim mayor has some advice for Donald Trump
-
فلائٹ کنٹرول الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک
-
RSG الیکٹرانک آفیشل گیم ویب سائٹ: تفریح اور انعامات کا نیا پلیٹ فارم
-
الیکٹرانک پی پی انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ لنک: ڈیجیٹل تفریح کی نئی جہت
-
CQ9 الیکٹرانک قابل اعتماد بیٹنگ ویب سائٹ کی خصوصیات
-
وائلڈ ہیل انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ لنک کی دنیا میں خوش آمدید
-
کاک فائٹنگ تفریحی لنکس کی وشوسنییتا اور جدید دور کی ضرورت