اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جا ماڻهو مذهبي، ثقافتي ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موق?? رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عظيم ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر طارق دردگ سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ڊرامي، فلم، ??لائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر جي فلمن ۽ ڊرامن جو ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڊبنگ سينٽرز کولڻ تي پڻ اتفاق ٿيو ۽ افغانستان جي صورتحال ۽ وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته عالمي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موق?? رهيو آهي، افغانستان ۾ وڏو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو، ان ڏس ۾ مصر به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري دوران افغانستان جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مصر جي سفير چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن ملاقات جي لاءِ وقت ڏيڻ تي اطل??عا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جا ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
روحانی دنیا کے عجائبات کا سرکاری تفریحی پورٹل
-
نینجا اور سامورائی تفریح: سرکاری ویب سائٹ
-
More ministers, Special Assistants inducted in Sindh cabinet
-
PTI to immediately continue its political activities after Eid
-
Leather sector bears the brunt of govts apathy
-
EU works towards resolving Pakistan-India political tensions
-
Karachi gets new corps commander
-
CM condemns Turkey blast
-
PS الیکٹرانک آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
گولڈن جیم آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کا تعارف
-
امریکن بلیک جیک تفریحی ایپ کی مقبولیت اور خصوصیات
-
شمال مشرقی الیکٹرانکس کا دیانت دار تفریحی ایپ